ضابطا فوجداري ۾ ترميم، گرفتاريءَ جي طريقي کي سخت ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( بيورو ) وفاقي سرڪار ضابطا فوجداري ۾ ترميم ڪري گرفتاري جي طريقيڪار کي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قانون جي پارليامان مان منظوري کانپوءِ پويلس بنا سبب ڪنهن کي به گرفتار نه ڪري سگهندي ۽ گرفتاري وقت جوابدار ۽ گهر وارن کي گرفتاري جو سبب ٻڌائڻ جي پابند هوندي، جاچ دوران جوابدار کي مرضي جي وڪيل جون خدمتون حاصل هونديون جڏهن ته پوليس کي پڪين شاهدين کانسواءِ ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ جو اختيار نه هوندو. فوجداري قانون ۾ ترميمن بابت مسودي موجب پوليس آفيسر جي اختيارن بابت ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن ۾ گرفتار ڪندڙ آفيسر کي ڪنهن به شخص جي گرفتاري جو سبب ٻڌائڻو هوندو ۽ گرفتار ٿيندڙ جي خاندان کي گرفتاري کان آگاهه ڪيو ويندو. جوابدار پنهنجي وڪيل ذريعي پوليس کي جواب ڏيڻ جو اختيار رکندڙ هوندو جڏهن ته گرفتار شخص ۽ سندس وڪيل ۾ ڳالهه ٻولهه راز ۾ رکي ويندي، ٻنهي ۾ ڳالهين کي ڪنهن به شخص کي ٻڌڻ جو اختيار نه هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *