ڪراچي( م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جي مقبوليت مخالفن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، مخالف هاڻي ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن. ڪراچيءَ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ خورشيد شاهه، فريال ٽالپر، وڏي وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ سڄي ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کانسواءِ باقي ٻيا سڀ پاڻيءَ جا بوڙيندا آهن.