اسلام آباد(بيورو) سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سڀاڻي (اڱاري تي) آرمي چيف سينيٽ جي اجلس ۾ شرڪت ڪري بند ڪمري جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندو، جنهن ۾ ساڻس گڏ ڊي جي ايم اوز به شريڪ هوندو، بريفنگ کان پوءِ سوالن ۽ جوابن جو سيشن به ٿيندو. ميڊيا رپورٽن موجب سينيٽ چيئرمين رضا رباني جو چوڻ آهي ته ايوان جي سربراهه ۽ مخالف ڌر سان ڳالهين بعد 12 ڊسمبر تي آرمي چيف کي خط لکيو هو، قومي سلامتي واري صورتحال تي آرمي جو نظر وارو نقطو به ڄاڻڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته سڀاڻي سڄي ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جو اجلاس آهي، ڪميٽي پرڏيهي معاملن واري پاليسي جي گائيڊ لائن بابت آهي، سينيٽ جي سڄِ ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جو بند ڪمري وارو اجلاس ٿيندو، ڪميٽي ۾ بريفنگ کان پوءِ سوالن ۽ جوابن جو سيشن به ٿيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حاضري يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.