سنڌ ۾ غيرملڪي سيڙپڪارن جي ڀرپور معاونت ڪئي ويندي: ناصر شاهه

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ سيڙپڪارن جي هر ممڪن مدد ۽ معاونت ڪندي. سنڌ ۾ بين الاقوامي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، جنهن جو وڏو سبب هتي امن ۽ امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ڪوٺايل انٽرنيشنل بلڊنگ ۽ ڪنٽريڪشن ۽ انڊسٽري شو ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چئي. نمائش ۾ 17 ملڪن جا مختلف اسٽالز لڳايا ويا آهن. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سي پيڪ جي ڪري غيرملڪي سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ جاري آهي ۽ اڪنامڪ زون بڻجي رهيو آهي. سنڌ جي مختلف شعبن ۾ ڪيترائي منصوبا سي پيڪ ۾ شامل آهن. هن نمائش ۾ چين ۽ ايران ۽ ٻين ملڪن جي تعاون سان مختلف شين ۽ تجارت جا موقعا آهن. سيڙپڪارن پاران مختلف يادداشت جي معاهدن ۽ تجارت لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي جيڪو سٺو قدم آهي. سنڌ حڪومت جي ٺوس اپائن جي ڪري امن ۽ امان جي بهتر صورتحال جي نتيجي ۾ آغا خان ۽ سيدنا سيف الدين جي آمد ممڪن ٿي، جن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي، جنهن لاءِ رينجرز، سنڌ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪاوشون شامل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ان لاءِ ماڻهو کيس جعلي خان چون ٿا، جڏهن ته سياسي طور تي ميرا ماڻهو پي ٽي آئي ۾ وڃي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *