آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير ۾ ملاقات،صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن بابت خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي (هه آ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداريءَ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ هن سان صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ کين زور ڀريو ته اهي سموريون ترقياتي رٿائون مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪيون وڃن. صدر آصف علي زرداريءَ وڏي وزير تي زور ڀريندي چيو ته هُو ترقياتي رٿائن واري ڪمن جي معيار ۽ وقت تي تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ت رٿائن جي بروقت تڪميل سان علائقي جي ماڻهن کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ واري پروگرام ۽  سڄي سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منعقد ڪيا ويندڙ عوامي جلسن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر کي ترقياتي رٿائن، پرڏيهي امداد تحت ترقياتي پروگرامن، ٿر ڪول مائننگ ۽ پاور پلانٽ پروجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني. آصف علي زرداريءَ چيو ته ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جو خواب شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو هو ۽ جڏهن پيپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪومت هئي ته ان حوالي سان ڪجهه اڳڀرائي ٿي هئي پر سنڌ جي صوبائي حڪومت شاندار ڪم ڪيو آهي جنهن جي هن واکاڻ ڪئي. وڏي وزير پارٽي چيف جو وزيراعليٰ هائوس جو دورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *