اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ن ليگ جي اپيل کي رد ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار محفوظ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان کي اهل قرار ۽ جهانگير ترين کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته هڪ صفحي تي غطلي هئي پر 250 صفحا پڙهڻا پيا، فيصلي کي غور سان ٻڌو وڃي، فيصلو دير سان ٻڌائڻ تي معافي ٿو گهران. چيف جسٽس چيو ته سمورين شاهدين جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پرڏيهي فنڊن جو الزام لڳايو ويو. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن اڪائونٽن جي غيرجانبداراڻي جاچ ڪري ۽ پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي جي جاچ اليڪشن ڪميشن ڪري. عمران نيازي سروس جو شيئر هولڊ يا ڊائريڪٽر نه هو جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين کي ايمان قرار نٿو ڏئي سگهجي.