نواز شريف جي غلط پاليسين جي ڪري اسٽبلشمينٽ ۽ حڪومت هڪ پيج تي ناهن: آصف زرداري/ ن ليگ جي ساڍن چئن سالن واري دور ۾ سڀ کان وڌيڪ حملا زرعي معيشت تي ٿيا: بلاول ڀٽو زرداري

ملتان(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ڪري جمهوريت ڪمزور آهي جنهن آصف علي زرداري جمهوريت کي بچايو ان کي ئي ڏنگ هنيو ويو. نواز شريف جو سياست وارو نظريو  ڇا آهي؟ اسان کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي،  هي اهو نظريو ته ناهي جنهن جي حفاظت جي قسم توهان ضياءُ الحق جي قبر تي کنئي هئي؟ بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي؟ زرداري ۽ شهيد بي بي تي ڪوڙا ڪيس بڻايا؟ ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1978ع ۾ ڪالوني ٽيڪسٽائل مل جي مزدورن هڙتال ڪئي ته ضياءَ اهو ئي ڪيو جيڪو شڪاگو ۾ ٿيو. هن چيو ته ڪنهن اڳتي وڌندڙ پاڪستان جو رستو روڪيو؟ ڪنهن محنت ڪشن جي ماني تي ڌاڙو هنيو؟ جيالن، جانثارن ۽ وفادارن جون ٽيون نسل جوان ٿي چڪو، آئون ان ٽئين نسل جو نمائندو بڻجي جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪيان ٿو. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب پنجاب سڀ کان وڌيڪ غير مساوي صوبو آهي، راجنپور ۽ بهاول پور ڏکڻ پنجاب جا پوئتي پيل علائقا آهن، مسلم ليگ ن جي ساڍن چئن سالن واري حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ حملا زرعي معيشت تي ٿيا، پاڻي جو بحران وڌي رهيو آهي، زمين جي پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي، سڄي ملڪ کي خوراڪ ڏيندڙ  پاڻ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، اسان عزم ٿا ڪيون ته هارين کي سندن پيدوار جو معاوضو يقين بڻائينداسين، زرعي پيداوار تي جي ايس ٽي جو خاتمو يڪو ويندو. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال، پيپلز پارٽي هاين کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، پاڻي جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو ويندو، هاري دشمن حڪومت واتان گرهه ڦرڻ تي لٿل آهي، اسان ماڻهن کي وسيلن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان سياست جا اهم مسئلا ملڪ ۽ عوام جا مسئلا رهيا آهن. عمران خان جي تقنيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيازي سرورسز جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا انهن جو مقابلو فيض آباد وارا ڪري سگهن ٿا. هوڏانن اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف جي غلط پاليسين جي ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪوتم هڪ پيج تي ناهن. ملتان ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان کي جڏهن پاڪستان مليو ته اهو ٽڪرن ۾ روهايل هو پر اسان ان کي سنڀاليو. هن چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته پرويز مشرف سندن ڇاتين تي ويٺو هو پر سندن مجال نه هئن ته کين ڪجهه چئي. هن چيو ته پرويز مشرف کي آڻڻ وارو نواز شريف هو ۽ هاڻ سندس ئي غلط پاليسين جي ڪري حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ هڪ پيج تي ناهن پر ان جي باوجود اهو پڇندو پيو وتي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هر شئي جي انتها هوندي آهي ۽ توهان انتها جي عروج تي هئا ۽ فرعونيت کان اڳتي ڪا به جاءِ نه هئي ان ڪري اوهان کي الله ڪڍيو آهي.  ڪا به خوشي ناهي رڳو توهان جا چار پنج دوست خوش آهن، ڪنهن وٽ به سڀاڻي جو ڪو منشور ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *