لنڊن (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق جو اسيمبلين جو مدو پورو نه ٿيڻ بابت بيان سندس ذاتي راءِ آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ چونڊون وقت تي ئي ٿينديون. لنڊن ۾ ن ليگ اڳواڻن سان گڏ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت کي ڪنهن مان به خطرو ناهي، اياز صادق اڄڪلهه جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهڙو بيان ڏنو. سندس چوڻ هو ته چونڊون جولاءِ ۾ ٿينديون ۽ ن ليگ ڪاميابي ماڻيندي، اسان عوام اڳيان جواب ڏينداسين.