سنڌ ۾ ڪمپيوٽرن جو نظام ٻين صوبن کان وڌيڪ بهتر آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ زمينن جو ڪمپيوٽرائيزڊ نظام باقي صوبن کان بهتر آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته رڳو سنڌ نه پر ڪرپشن موري ملڪ جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ زمينن جو رڪارڊ ٻين صوبن کان بهتر آهي. هن چيو ته  سنڌ حڪومت جا معاملا نبيرڻ لاءِ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، بجيٽ جا سمورا تفصيل فنانس ڊويزن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا آهن، تڪ جي لحاظ کان ترقياتي ڪمن جي نگراني لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي گهڻو اڳ سنڌ جا دورا ڪرڻ گهرجن ها، جيڪا تبديلي ٿي آئين تحت هئڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئيني خلاف ڪو به قدم نه ٿيڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *