بحران ختم ٿي ويو، بجلي چوري وارن هنڌن تي لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهيون: اويس لغاري

اسلام آباد (بيورو) توانائي واري وفاقي وزري اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جي پيداوار گهرج کان وڌي وئي آهي، جيڪو سستي بجلي ڏيندو ان کي پنهنجي سسٽم ۾ شامل ڪنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي اويس لغاري چيو ته ن ليگ جي ساڍن چئن ورهين جي ڪوششن سان اڄ اسان ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهيون، هاڻ بجلي وڌيڪ آهي، جڏهن ته اضافي پيداوار ڀيٽ جي بڊنگ ۾ ڪنداسين، هائيڊل پيداوار جي ٽيرف تي ڪمپنيون اوپن مارڪيٽ ۾ اچي مقابلو ڪن. هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي، جتي بجلي جي چوري ٿي رهي آهي، لوڊشيڊنگ به اتي ئي پئي ٿئي، صوبائي، لساني ۽ سياسي بنيادن تي ڪنهن کان به حق نه پيا کسيون پر سڀني فيڊرن تي ٿيندڙ چوري موجب بجلي بند ڪري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *