ڪراچي (هه آ) پورهئي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز سميت صوبي جي سمورن صنعتي يونٽن ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ورڪرن جي تعليم، صحت ۽ طبي سهولتن سميت ٻين حوالن سان مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ حڪومت اپاءُ وٺندي، ڇو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته پورهيتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ پيپلز ورڪرز يونين پاڪستان اسٽيل ملز جي صدر ڌڻي بخش جي قيادت ۾ آيل وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ان موقعي تي ميمبر ورڪرز يونين يوسف خٽڪ ۽ الطاف ابڙو به موجود هئا. وفد سيد ناصر حسين شاهه کي پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته اسٽيل ملز جي زمين کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. پاڪستان اسٽيل ملز شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نشاني آهي، جنهن ڪري سمورا ورڪرز درخواست ڪن ٿا ته سنڌ حڪومت اسٽيل ملز جي معاملي کي ڏسي ۽ پاڻ هلائي. اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. ورڪرز اسٽيل ملز جي تعليمي اداري جي ڪنٽريڪٽ ملازمن جي پگهارن ۽ ملازمن جي ٻارن کي ڪتاب، بسترا، يونيفارم ۽ بوٽ فراهم ڪرڻ لاءِ تعاون جي اپيل ڪئي، جڏهن ته ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ جي 100 بسترن جي اسپتال کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تعاون ڪري. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد جا مسئلا دلي همدردي سان ٻڌا ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت پاران ڀرپور قدم کنيا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ سميت پارٽي جي اعليٰ قيادت سان به رابطو ڪيو ويندو. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي پورهيتن جي جماعت آهي ۽ هو پورهيتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هميشه ترجيح ڏيندي آهي.