ڪراچي (اين اين آءِ) احتساب عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي بيماري بابت ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي بورڊ ۾ نيورولاجسٽ ، نيوروفزيشنز ۽ ٻين ڊاڪٽرن کي شآمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اربع تي شرجيل ميمڻ پاران ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته منهنجي موڪل جو علاج جيل ۾ ممڪن ناهي ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، ميڊيڪل بورڊ ۾ ڪنهن به ڊاڪٽر جي شموليت تي اعتراض ناهي. نيب جي وڪيل ميڊيڪل بورڊ جي جوڙڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته مريض جي ڪا دائمي يا خطرناڪ بيماري ناهي ان لاءِ ميڊيڪل بورِڊ جوڙڻ جي ضرورت ناهي عدالت شرجيل ميمڻ جي درخواست تي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ ٻڌائي ته شرجيل ميمڻ جو علاج جيل ۾ ممڪن آهي يا نه؟ ڇا سندس حياتي کي خطرو آهي يا نه؟ عدالت صحت واري سيڪريٽري کي 16 ڊسمبر تائين آخري جيل مهلت طبي سهولت بابت تفصلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، رپورٽ جمع نه ڪرڻ تي صحت واري سيڪريٽري جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي شروع ٿيندي.