ڪراچي (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا گجر نالي تي ٽريفڪ پوليس جي سب انسپيڪٽر تي مبينا طور تي اڻ ڄاتل موٽر سائيڪل سوار جاوبدار جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ايس ايس پي سينٽر کان وقعي بابت انڪوائري جي تفصيل تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪئي آهي. هن چيو ته زخمي پوليس آفيسر جي طبي امداد جي هر ممڪن سهولت کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ واقعي ۾ ملوٿ جوابدارن جي گرفتاري کي ڪرائيم سيل کان گڏ ثبوت ۽ ڳجھي معلومات جي ڪري جلد کان جلد ممڪن بڻايو وڃي، هن هدايتون جاري ڪيون پوليس سڪيورٽي پلان ان جي روح مطابق هر سطح تي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ رينڊر اسنيپ چيڪنگ ، پيٽرولنگ سميت ڏوهن سميت ڇاپن کي نهايت مربوط ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻايو وڃي.