شڪارپور ( ڊ . ر ) آپڪا يونٽ پاپوليشن طرفان احتجاجي ريلي ، پريس ڪلب جي اڳيان ڌرڻو ، ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو مطالبو . تفصيل موجب : ڪالھ آپڪا يونٽ پاپوليشن جي نذير حسين مشواڻي ، احسان الله ڪانڌڙو ،لالا تاج محمد پناھ ، الطاف حسين جويو ، مشتاق احمد پنهور ، محمد ياسر عباسي ۽ ٻين پاپوليش آفيس کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مختلف رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا ، جتي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي هنن چيو ته پاپوليشن کاتي سنڌ ۾ 2 هزاز ڪچا ملازم آهن جن ۾ 73 شڪارپور جا آهن جن پنهنجي زندگي جي جواني جا ڏينهن پاپوليشن ۾ خدمت ڪندا گذاري آهي جڏهن ته انهن کي اڃان تائين پڪو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري اسان جو ٽائيم اسيڪل وڌايو ويو آهي جنهن ڪري اسين مجبور روڊ تي نڪري آيا آهيون ، اسان ممتاز جکراڻي ۽ سيڪريٽري پاپوليشن ويلفئير کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان تي رحم ڪيو وڃي ۽ ملازمن ۾ جيڪي بي چيني آهي ان کي ختم ڪيو وڃي.