اسلام آباد( بيورو) ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ پاڪستان عالمي انصاف جي عدالت ۾ پنهنجو موقف جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڀارتي موقف کي رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ڊائريڪٽر انڊيا فريحا بگٽي انصاف جي عالمي عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ ڪلڀوشن ياديو بابت ڀارتي موقف کي رد ڪيو ويو. پاڪستان پنهنجي جواب ۾ چيو ته ڪلڀوشن ياديو عام قيدي ناهي مٿس ويانا ڪنوينشن لاڳو نه ٿو ٿي. جواب اٽارني جنرل، ليگ ٽيم ۽ پرڏيهي آفيس تيار ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي موقف کي جامع انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. پاڪستاني جواب ۾ ڪلڀوشن ياديو جي تخريبي سرگرمين، ٽرائل ۽ چارج شيٽ جا تفصيل به جواب ۾ شامل آهن. ذريعن موجب پاڪستاني جواب کانپوءِ ڀارت کي جواب جمع ڪرائڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ ڀارتي جواب ۾ جيڪڏهن ڪو سوال اٿاريو ويو ته پاڪستان به هڪ وڌيڪ جواب جمع ڪرائيندو. جوابن جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪلڀوشن ڪيس جي ٻڌڻي 2018ع جي وچ ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.