ڪراچي (م ڊ) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد چيو آهي ته اسان پاڪستان خلاف ڪنهن به قوت کي برداشت نه ڪنداسين، ڪراچي جي ڪنهن به پارٽي ۾ ٽارگيٽ ڪلرن جي تنظيم ٺهڻ نه ڏني ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي ميجر جنرل محمد سعيد چيو ته آپريشن دوران چئن ورهين ۾ ڏوهن ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي، ڪاميابي شهرين جي سهڪار سان گڏوگڏ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ڪري ملي آهي. هن چيو ته سوچ تي پهرو نٿو لڳائي سگهجي پر ڪنهن کي به هٿيار کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، جن جي نالي سان ڪراچي ۾ خوف هو، انهن لاءِ معافي ناهي. سندس چوڻ هو ته 2013ع کان اڳ هر مهيني 8 کان 10 ڪروڙ ڀتو ورتو ويندو هو پر هلندڙ سال ڀتي خوري جا رڳو 4 واقعا رپورٽ ٿيا، 2017ع ۾ دهشتگردي جو واقعو نه ٿيو پر ڇري سان وار ڪرڻ وارن واقعن کي غير ضروري اجاڳر ڪرڻ سان شهر جو تاثر خراب ٿيو. ڊي جي رينجرز وڌيڪ چيو ته 2013ع ۾ ڪراچي ڪرائم انڊيڪس ۾ ڇهين نمبر تي هو پر هاڻ 52هين درجي جي هيٺين سطح تي هليو ويو آهي، هلندڙ سال 14 سئو کان وڌيڪ اسٽريٽ ڪرمنل ۽ ڦورو پوليس حوالي ڪيا ويا، جن ۾ اهڙا ڏوهاري به هئا، جيڪي ٽيون ۽ چوٿون ڀيرو گرفتار ٿيا.