ڪراچي( م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف کي ڪرپشن سبب ڪڍيو ويو، ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويندو. ڪراچيءَ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪراچيءَ ۾ ايڊمنسٽريشن جو نظام تبديل ڪيو ويندو، مڪاني نظام نه هئڻ سبب ڪراچي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به درست نموني مڪاني نظام نه آيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ فنڊ چوري ٿي رهيا آهن، شهر جي روڊن جي حالت خراب آهي، جيڪا رقم مڪاني ادارن تي خرچ ٿيڻ گهرجي ها وزيرن جي کيس ۾ هلي وڃي ٿي. عمران خان چيو ته اقتدار ۾ اچي ڪرپشن جو خاتمو، حقيقي مڪاني نظام لاڳو ۽ ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريشن جو نظام تبديل ڪنداسين. واپارين جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مسلم ليگ ن سمورن ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي خلاف ڪيس سياسي بنيادن تي قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم ۽ وزير ڪرپشن ڪن ته ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، 21 سالن کان ڪرپشن خلاف جنگ وڙهي رهيو آهيان، حڪمران پئسا چوري ڪري ٻاهر کڻي وڃن ٿا پر اڄ تائين ڪنهن مني لانڊرنگ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ حڪمرانن کي سسلين مافيا ٺيڪ چيو آهي، بيروزگاري ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ڪراچي معاشي حب آهي، جنهن جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي. عمران خان چيو ته اسان واپاري برادري کي ڀائيوار سمجهون ٿا ڇو ته صنعتن کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي واپارين ۽ صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا، ايئن ڪرڻ سان بيروزگاري تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ختم نبوت جي قسم نامي ۾ ترميم تي احتجاج بابت عمران خان چيو ته منهنجي خلاف به احتجاج ٿيا پر ڪنهن تي لٺبازي نه ڪئي وئي آهي، معاملو اڃا ختم نه ٿيو آهي، مسلم ليگ ن کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته ختم نبوت جي قسم نامي ۾ تبديلي ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي. هن چيو ته ظفر الحق ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پيش نه ڪئي ته معاملو اڳتي وڌندو.