حيدرآباد(بيورو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ نه ملڻ ۽ شگر مل مالڪن جي هوڏ خلاف 14 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن آبادگارن کي ڪمند جو 182 رپيا في مڻ اگهه نه ڏنو ويو ۽ شگر مل مالڪ هوڏ تي قائم رهيا ته 19 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. ترقي پسند هائوس حيدرآباد تي ڊاڪٽر قادر مگسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي حڪمران ڌر زرعي معيشت کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجون زمينون وڪڻڻ تي مجبور ڪري کين بي زمين بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪمند سنڌ جو اهم ۽ ڪيش ڪراپ فصل آهي، سنڌ جا آبادگار ۽ هاري ان فصل تحت سڄي رٿابندي ڪندا آهن، ڪهڙي بنياد تي شگر ملن کي اربين رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اها سبسڊي حڪومت ڌر جي کيسي ۾ وڃي ٿي، سبسڊي ته آبادگارن جو حق آهي، ڀاڻ، ٻچ ۽ دوائن تي آبادگارن کي سبسڊي ڏني وڃي. هن چيو ته سڄي صورتحال هٿ سان پيدا ڪئي وئي آهي ته جيئن سنڌ جا آبادگار پنهنجون زمينون کپائي ڇڏين ۽ ان تي زرداري ليگ جو قبضو ٿي وڃي.