حيدرآباد(پ ر) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي چيو آهي هن وقت دنيا عجيب صورتحال ۾ ڦاٿل آهي، سڀ ملڪ آمريڪا جا غلام ٿي ويٺا آهن، جڏهن ته چين اڪيلو وچ ۾ ڦاٿل آهي. حيدرآباد ۾ پارٽي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي رسول بخش پليجي چيو ته آمريڪي حڪومت تي يهودين جو اثر آهي، پاڪستان کي به آمريڪا جي پويان نه هلڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته هن وقت آمريڪي صدر ٽرپ جيڪي فيصلا ڪيا آهن ان خلاف سڄو يورپ ڳالهائي رهيو آهي. ٽرمپ جي فيصلن سان امن کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ايشيا ۽ خود يورپ جا ملڪ چين سان دوستي رکڻ چاهين پيا، پر اڃا تائين اهي آمريڪا جي غلامي کي نه پيا ڇڏين. عوامي تحريڪ جي سربراهه جو چوڻ هو ته موجوده وقت ۾ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ جيڪا ڪربلا برپا ٿيل آهي اها شايد ٻئي هنڌ ڪٿي هجي. هن چيو ته اسان کي اهو عهد ڪرڻو آهي ته ڇا به ٿي پوي ڪهڙيون به حالتون هجن، پر اسان کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻو ناهي، سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرڻو آهي ۽ سنڌ سڀني کان مٿاهون آهي .