آصف زرداري جي هوندي پ پ سان اتحاد ممڪن ناهي: عمران خان

اسلام آباد( بيورو ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري جي هوندي پ پ سان ڪنهن صورت ۾ اتحاد ممڪن ناهي. اسلام آباد جي دهشتگري ٽو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مخالفن ڄاڻي ٻجهي منهنجي خلاف دهشتگردي جا ڪيس ٺاهيا آهن، مون کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو ته مان ڪرپٽ شريف مافيا جو پيڇو ڇڏي ڏيان، اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته اسان چور آهيون ته باقي سڀ چور آهن پر ايئن ڪڏهن نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته مان پاڪستان مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ جو عهد ۽ عوام سان واعدو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ملڪيت بابت ٽريل عدالت ۾ پيش ڪئي پر نواز شريف کان جڏهن پڇو ويو ته پئسو ڪٿان آيو ته وٽس جواب ۾ رڳو قطري خط هو ۽ ساڳي قطري خط سان نواز شريف ٻارن جي ملڪيت بابت سوال تي به سهارو ورتو. عمران خان چيو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ پوليس حڪمرانن جي ذاتي ملازم بڻيل رهي ۽ منهنجي خلاف ڪيسن ۾ به حڪومتي پراسيڪيوٽر شريف خاندان جو ترجمان بڻيل آهي، اهي سڀ چور ۽ سندن ليڊر به چور آهن. پيپلز پارٽي سان اتحاد بابت عمران خان چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هوندي پ پ سان اتحاد ممڪن نه ٿو ٿي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *