ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ڪراچي ۾ ڪمند جي آبادگارن تي تشدد ۽ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت آبادگارن تي تشدد ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هڪ طرف زرداري ۽ سندس ڪرپٽ ٽولو ڪرپشن ڪري سنڌ کي ڪنگال ڪري رهيا آهن ته ، ٻئي طرف شگر ملون بند ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪري رهيا آهن. پر امن احتجاج هر شهري جو حق آهي ۽ پر امن آبادگارن تي وحشياڻو تشدد ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي طاقت جو ناجائز فائدو ورتو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ان سڄي ظالماڻه ۽ غير انساني عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گُهر ٿي ڪري ته سمورن آبادگارن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ شگر ملون هلائي سنڌ جي آبادگارن کي معاشي قتل عام کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ سموري سنڌ اندر ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .