صنعتون مزدورن جي پگهر سان هلنديون آهن، مالڪن کي گهرجي ته محنت ڪندڙن جو خيالن رکيو وڃي؛وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صنعتون مزدورن جي پگهر سان هلنديون آهن، مالڪن کي گهرجي ته محنت ڪندڙن جو خيالن رکيو وڃي. هن چيو ته يارنهن سال هڪ آمر ملڪ تي قابض رهيو جنهن ملڪ ۾ مزدور دشمن پاليسي جاري رکي. پاڪستان پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪنهن ٻي پارٽيءَ مزدور دوست پاليسي ناهي اپنائي. هن چيو ته شهيد ڀٽو اقتدار ۾ ايندي ئي ليبر پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ۽ آمر جي وڃن کانپوءِ آصف علي زرداريءَ ذوالفقار علي ڀٽو واري پاليسي جاري رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن محنت کاتي پاران اڄ ميرٽ هوٽل ۾ رٿيل ٽي فريقي ڪانفرنس ۾ بطور مهمان خصوصي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سندس گڏ سڌ سماءَ وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جڏهن ته ڪانفرنس ۾ مزدور، آجر ۽ حڪومتي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مزدور ۽ آجر جي گڏيل لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڪانفرنس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي ۽ شهيد ذوالفقار  علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد مزدورن جن ڪم دوران پنهنجي جان قربان ڪئي انهن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي. محنت کاتي پاران ٽي فريقي مزدور ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پهرين ٽي فريقي مزدور ڪانفرنس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور 1972ع ۾ ٿي هئي، اقتدار ۾ ايندي ئي شهيد ڀٽو 10 فيبروري 1972ع ۾ ليبر پاليسيءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ انهن پاليسين کي اڳوڻي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداريءَ تقويت ڏني، اهو ئي ڪارڻ آهي ته ملڪ جا ماڻهو اڄ به آصف علي زرداريءَ کي ياد ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته هن صدارتي پاور واپس ڪيا. سرحد صوبي کي خيبرپختون خواهه جو نالو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪنهن ٻي پارٽيءَ مزدور دوست پاليسي ناهي جوڙي. صنعتون محنت ڪندڙ جي پگهر سان هلنديون آهن، مالڪن کي گهرجي ته محنت ڪندڙن جو خيال رکيو وڃي، صنعتي شعبو تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن مزدور کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو. مزدور کي صحت، سندن ٻارن جي تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون ۽ اجرت سٺي هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان 2008ع وارين ليبر ڪالونين جي منصوبي کي زبردست ريت تقويت ڏني. هن سڌ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي هدايت ڪئي چيو ته اوهان ذاتي طور تي مزدور ڪميٽيءَ جي سربراهي ڪريو ۽ ترت انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ست صنعتي زون آهن، جن لاءِ ٽي فريقي باڊي بڻائڻ جو اعلان ڪيو وڃي. ان ڪانفرنس ۾ جن ڳالهين تي غور ويچا ڪيو ويو آهي انهن تي عملدرآمد به هئڻ گهرجي ته جيئن مزدورن کي فائدو حاصل ٿي سگهي. هن ناليواري صنعتڪار قاسم تيلي کي مخاطب ڪندي چيو ته تيلي صاحب مان ان ڪانفرنس ۾ 10 منٽ دير سان آيس ان جو سبب ماڻهن جو ڪانفرنس ۾ نه پهچڻ هو جنهن ڪري دير سان گهرايو ويو پر مان سدائين وقت جو پابند رهيو آهيان ۽ وقت تي ايندو آهيان. هن ميڊيا ۾ ايندڙ غلط خبرن بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان جيڪي سٺا ڪم ڪري رهيا آهيون انهن جي ميڊيا ذريعي ڪا ڄاڻ عوام تائين نٿي پهچائي وڃي پر ميڊيا ۾ رڳو غلط خبرون وڪرو ٿينديون آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق اسان کي ڪي فور لاءِ فنڊ نه پيو ڏئي. هن چيو ته اسان ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جو واضح ثبوت ٿر مان سواءِ هڪ تڪ جي سمورن تڪن تي سوڀ حاصل ڪرڻ، ڪراچيءَ مان سعيد غني ۽ مرتضيٰ بلوچ وارا تڪ به اسان کٽيا آهن، ڇاڪاڻ ته اسان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري پڻ اچڻ چاهي پيو پر سندن لاهور ۾ سرگرمين سبب نه اچي سگهيو. ان موقعي تي آءِ ايل او جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چوڌري منظور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *