اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ حديبيا پيپرز ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب جي التوا واري درخواست رد ڪندي ڪيس بابت ٽي وي ٽاڪ شوز تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. جسٽس مشير عالم جي سربراهيءَ ۾ جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس مظهر عالم خان تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي بئنچ حديبيا پيپرز ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نيب جي وڪيل چيو ته نيب پراسڪيوٽر جو عهدو خالي آهي، تنهن ڪري مناسب هوندو ته ان اهم ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر پاڻ پيش ٿي. جسٽس مشير عالم چيو ته پراسڪيوٽر جو عهدو خالي هئڻ ڪيس جي التوا جو بنياد ناهي، پراسڪيوٽر جي مقرري سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، ڪيس ملتوي نه ٿيندو. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته عدالت تي ٺٽول نه ڪيو، اسان لاءِ هي ڪيس هاءِ پروفائيل آهي، ڇو نه توهان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. جسٽس قاضي فائز نيب جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته التوا جي درخواست جي هدايت ڪنهن ڏني آهي، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته التوا جي درخواست جو فيصلو نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٿيو آهي جنهن تي جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته پوءِ ڇو نه اسان نيب چيئرمين کي گهرائي وٺون، جنهن تي وڪيل چيو ته پراسڪيوٽر نيب جي سمري موڪلي وئي آهي اها جلد منظور ٿي ويندي. عدالت نيب جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت حديبيا پيپرز ڪيس تي سڌي ريت ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائڻ تي پابندي لڳائندي رڳو رپورٽنگ جي اجازت ڏني آهي. جسٽس قاضي فائز چيو ته ٽاڪ شوز ۾ ڪيس جي حقيقتن تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي، پيمرا سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرائي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته نيب جو موقف جوابدارن خلاف ريفرنس تي اثرانداز ٿيو، اسان جو سوال آهي ته هي ريفرنس سرد خاني ۾ ڇو رکيو ويو، ڇا هي ڪيس اٽڪ قلعي اندر هلايو ويو، ڇا اٽڪ قلعي ۾ عدالت به آهي، هي ڪيس اٽڪ قلعي ۾ ڇو هلايو ويو ڪو ته سبب هوندو. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.