ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق جي دل سنڌ سرڪار لاءِ نه ٿي ڌڙڪي، اسان کي ڪي فور سميت ٻين رٿائن لاءِ فنڊ نه ٿا ڏنا وڃن پر شڪر آهي ته عدالت کي اسان جو خيال آهي، عدالت ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻي جو پاڻي گندو آهي، پاڻي ته سرگوڌا جو به ٺيڪ ناهي. ڪراچيءَ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جسٽس ثاقب نثار چيو ته توهان جتي هلو هن پاڻي جي هڪ بوتل پيئون ٿا، جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان ۽ توهان به مٺي هلي واهه مان هڪ گلاس پاڻي پيئون. هن چيو ته جسٽس ثاقب نثار کي جواب ڏنو ته جيڪڏهن لاڙڪاڻي جو پاڻي گندو آهي ته سرگوڌا جو به پاڻي ٺيڪ ناهي، لاهور جي پاڻي ۾ به سنکيو آهي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪريون ٿا ته ماڻهو ووٽ نه ڏين ها.