نارو وال (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جي خدمت ڪندڙ ليڊر خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، نواز شريف کي جيترو مائنس ڪندا اهو ايترو ئي پلس ٿيندو، ڌرڻو هڻندڙ ايندڙ 5 سال به ڌرڻا هڻندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئي گيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت نيڪ نيت سان عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، عوام سان گڏجي پاڪستان کي دنيا جو عظيم ملڪ بڻائينداسين، عمران خان اناڙي سياستدان ملڪ کي جنت بڻائڻ جا خواب ڏيکاري رهيو آهي ته کيس ڪهڙي خبر ته روڊ رستا ترقي جو پهريون ڏاڪو هوندا آهن، احسن اقبال چيو ته ختم نبوت تي قوم کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان پاڪستان کي ايران ۽ عراق بڻائڻ جي ڪوشش ناڪام ڪري ڇڏي.