قاهره( م ڊ ) عرب ليگ بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جي فيصلي کي خطرناڪ ۽ نه قبولڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مصري گادي واري هنڌ قاهره ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ خلاف عرب ليگ جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ 22 عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي پڌرنامي موجب والاري بيت المقدس بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، آمريڪي فيصلو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، آمريڪا والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي. اجلاس ۾ عرب ليگ جي سربراهه احمد ابو الغيظ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي کي خطرناڪ ۽ نه قبولڻ جوڳو قرار ڏنو جڏهن ته ان موقعي تي لبناني پرڏيهي وزير جبران باسل تجويز ڏني ته ٽرمپ جي فيصلي تي عرب ليگ کي آمريڪا تي معاشي پابنديون لڳائڻ گهرجن. عرب ليگ طرفان فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪي صدر جي فيصلي کي گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي پليٽ فارم تي اٿاريو ويندو.