اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ن ليگ جي حڪومت ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي، تشدد واري انتهاپسندي سان انساني حقن خطري ۾ آهن، انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته پ پ بنيادي انساني حقن تي يقين رکي ٿي، موجوده حالتن ۾ انساني حقن جي لتاڙ تي پ پ کي سخت ڳڻتي آهي، پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي پارٽي انساني حقن جي لتاڙ خلاف وڙهندي رهندي.