خيرپور(رپورٽ: شاهد نواز سيال) پريس ڪلب خيرپور جي چونڊ مهم زورن تي جاري آهي، پروفيشنل جرنلسٽس گروپ ۽ صحافي اتحاد گروپ جا نامزد اميدوارا ڇلو منڊي لاهي چونڊ مهم کي لڳي ويا آهن. پريس ڪلب خيرپور جي عمارت ۽ اطلاعات کاتي جي آفيس کي چونڊ مهم بابت بينرن ۽ پينا فليسن سان سينگاريو ويو آهي، ان کان سواءِ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي حمايت وارا پينا فليڪس شهر جي مک چوڪن تي پڻ لڳايا ويا آهن، مختلف فنڪارن جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪرايل گيت ۽ گانن وارا آڊيو البم پڻ پريس ڪلب ۾ وڄايا پيا وڃن، چونڊن جي موسم جي پيش نظر، سڄو سال صحافين، صحافت ۽ پريس ڪلب کان لا تعلق رهندڙ ووٽر صحافين، پريس ڪلب ۾ اچڻ وڃڻ جو سلسلو تيز ڪرڻ سان گڏ چونڊ مهم جو حصو بڻجي ويا آهن، ان کان سواءِ مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي پينلن جا اميدوار پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ووٽر جي گھرن جو دروازو کڙڪائي، کائن حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن، 17 ڊسمبر آچر ڏينهن رٿيل چونڊن ۾ پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر خان محمد خان، صحافي اتحاد پينل ۽ نوجوان صحافي عبدالخالق چوهاڻ صدارتي عهدي جا نامزد اميدوار آهن.جڏهن ته سينير صحافي محمد حاجن سمنگ، ۽ يونين آف جرنلسٽس جو ضلعي صدر محمد افضل ڇڄڙو جنرل سيڪريٽري وارو منصب ماڻڻ لاءِ هڪٻئي جي مدمقابل هوندا، مختيار حسين ڦلپوٽو ۽ سردار دين محمد ڪلهوڙو، خزانچي واري سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن، سيد آصف حسن زيدي، محمد اشرف مغل، شاهد نواز سيال، ظهير جماڻي، شفيق شر، خادم ڪلهوڙو، حفيظ عباسي، ڪفايت گل، ايم بي جويو، شڪيل جانوري ظفر حسن زيدي، علي خان رند، فواد احمد، محمد عباس باقري، ۽ ٻيا مختلف عهدن لاءِ چونڊ وڙهي رهيا آهن