شڪارپور ۾ شيعا رابط ۽ جماعت اسلامي طرفان آمريڪا خلاف الڳ الڳ احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو

شڪارپور(رپورٽ : عتيق ڌڪڙ ) شڪارپور ۾ شيعا رابط ۽ جماعت اسلامي طرفان آمريڪا خلاف الڳ الڳ احتجاجي ريلي ۽ مظاهره . تفصيل موجب : ڪالھ جمعه ڏينهن شيعا رابطا ڪائونسل ضلع شڪارپور طرفان آمريڪا طرفان اسرائيل کي بيت المقدس کي گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ خلاف مدرسا صاحبه الزمان کان لکيدر چوڪ تائين ريلي ڪڍي آمريڪا اسرائيل مرده آباد جا نعرا هنيا ويا ريلي کي اڳواڻ مولانا سيد همت علي شاھ، ظھور الدين ميکو، ڪفايت حسين سولنگي ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ مسلمانن کي للڪارڻ آھي ۽ اڃا به مسلمان بيدار نه ٿيا ته ڪڏھن ٿيندا هنن چيو ته قرآن پاڪ ۾ الله فرمايو آھي ته يهودي ۽ نصاري اسلام جا دوست نه ٿا ٿي سگهن هنن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل مسلمانن جا دشمن آھن انهن خلاف مسلمانن کي اتحاد ڪري اٿڻو پوندو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته مسلمان پاڻ پنهنجو حق وٺڻ ڄاڻيندا آهن پاڪستان کي گهرجي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان سفارشي لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجي، ٻي طرف جماعت اسلامي شڪارپور طرفان به فرقانيه هال کان لکيدر چوڪ تائين مولوي صدر الدين مهر جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪا خلاف ريلي ڪڍي وئي ، لکيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو ، آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعرا هنيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *