اسلام آباد(بيورو) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته اسان جي لاءِ هر ڪرپٽ ماڻهو ڪرپٽ آهي پوءِ ڀلي هو ڪنهن به صوبي مان هجي ۽ ڪيترو به وڏو ڇو نه هجي. ايوان صدر ۾ بدعنواني جي خاتمي بابت سيمينار کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چي ته خود احتسابي جي نظام سان ئي بدعنواني جو خاتمو ممڪن آهي، خود احتسابي هجي ته نيب جهڙن کاتن جي ضرورت ئي نه پئي. هن چيو ته پاڪستان ڪرپشن سان متاثر ٿي رهيو آهي، صوابديدي اختيار به ڪرپشن جو هڪ سبب آهي. جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب عوام جي سهڪار سان بدعنواني جي خاتمي ۾ مصروف آهي، هاڻ ڪو ڪيس خاني يا ڪٻٽ ۾ ناهي، ايندڙ سال تائين توهان پاڻ تبديلي محسوس ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته نيب جي ڪا به امتيازي پاليسي ناهي، اسان لاءِ هر ڪرپٽ ماڻهو ڪرپٽ آهي پوءِ ڀلي اهو ڪنهن به صوبي مان هجي يا ڪيترو به وڏو ڇو نه هجي.