جڙانوالا(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسرائيل جي بڻجڻ جي سڀ کان وڌيڪ مخالف قائد اعظم محمد علي جناح ڪئي هئي، فلسطينين تي ڏاڍو ظلم ڪيو ويو، فلسطنين تي اسرائيلين وڏو ظلم ڪيو آهي، 9 سيڪڙو اسرائيلين 80 سيڪڙو فلسطينين تي قبضو ڪيو، قائد اعظم چيو هو ته اهو مسلمانن تي نه پر انسانن تي وڏو ظلم آهي. جڙانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته بيت المقدس بابت آمريڪي صدر جي فيصلي کي نه ڳور مسلمانن پر سڄي دنيا رد ڪيو آهي، اتان جي زمين تي اسرائيلين قبضا ڪيا، ڪنهن قوم تي ظلم جو ان کان وڏو مثال ٻيو ڪٿي نٿو ملي.هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ 14 شهرين کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته بوسنيا ۾ به 2 لک مسلمان ماريا ويا پر ڪنهن به مدد نه ڪئي، اسرائيل شيعن کي سنين سان ويڙهائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن اسان چپ رهنداسين ته ماڊل ٽائون جهڙا واقعا ٿيندا. اسان وٽ هڪ اهڙي فوج آهي جيڪا اسان جي حفاظت ڪري سگهي ٿي، اسرائيل مسلمانن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي طاهر القادري کي پيغام ٿو ڏيان ته اسان توهان سان گڏ نڪرنداسين. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله پنجابي فلمن ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جيستائين انهن کي جيلن ۾ نه موڪليندس، مقابلو ڪندس اڄ اسان ڪرپشن جي ڪري ئي اسان پوئتي آهيون، پاڪستان ننڍي کنڊ ۾ سڀني کان اڳتي هو جيڪڏهن نواز شريف هڪ نظرئي جو نالو آهي اهو نظريو ڪرپشن آهي. سندس چوڻ هو ته اهو نظريو چئي ٿو ته ڌانڌلي ڪيو، اليڪشن کٽيو، شهباز شريف ۽ نواز شريف جي آڏو اهو شخص بيٺل آهي جيڪو وڪامجي نٿو سگهي. هي ملڪ اڄ تائين هڪ عظيم ملڪ ڇو ناهي بڻجي سگهيو؟ منهنجو ڪم آهي توهان ۾ شعور پيدا ڪرڻ، 50سال پهرين اسان ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اڳتي هئاسين، اسان جي پوئتي رهڻ جو سبب ڪرپشن آهي. پي اي سي ۾ خبر پئي ته هنن 10 ارب رپيا پنهنجي ميمبرن کي ڏنا. هن وڌيڪ چيو ته ٻار ارب پتي بڻجي وڃن ۽ نواز شريف چوي ته مون وٽ ته ڪجهه به ناهي، ڪرپٽ ماڻهو ادارن ۾ ويهاريا، ايس اي سي پي ۾ حجازي کي ويهاريو، ڪير به توهان نه پڪڙيندو. قوم جاڳي چڪي آهي، قوم نواز شريف جو ڪرپشن وارو نظريو سمجهي چڪي آهي اسان اها ميچ پاڪستان کي کٽي ڏيکارينداسين.