ڪراچي (هه آ)) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس پنهنجي زندگيءَ جا بهترين ٻه سال ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ گذايا، انهن ڏهاڙن ۾ جمهوريت جو تختو انڌو ڪري جبري مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته زندگيءَ جو حقيقي مزو شاگرديءَ واري دور ۾ ئي آهي، ڪاليج وارو زمانو سٺين يادن جو سهڻو دور هوندو آهي، جيڪو مون کي اڄ به ياد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڊي جي سائنس ڪاليج جي مئگزين ”مخزن“ جي رونمائي ۽ مرحوم پروفيسر افتخار اعظمي جي نالي سان منسوب مٿين گذرگاهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پهچڻ تي ڊي جي سائنس ڪاليج جي پرنسپل محمد سليم خان غوريءَ ۽ ٻين استادن شاندار آجيان ڪئي. وڏي وزير ڊي جي سائنس ڪاليج جي اي ڪيو ڪي بلاڪ ڳنڍڻ لاءِ تعمير ڪيل اسٽيل برج جو افتتاح ڪيو، اها پل ڪاليج شاگردن جي روڊ حادثن کي نظر ۾ رکندي تعمير ڪيو ويو آهي، ڪاليج جي مين بلاڪ کان روڊ جي مٿان کان گذرندي اي ڪيو ڪي بلاڪ کي هڪٻئي سان ملائي ٿو. ڪاليج جي سالياني مئگزين ”مخزن“ جي رونمائي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس ڊي جي سائنس ڪاليج ۽ کين انتظاميا جو ٿورائتو آهيان ته کين مون کي ڪاليج جي مئگزين ”مخزن“ جي رونمائي ۽ مرحوم پروفيسر افتخار اعظمي جي ناءَ سان لاڳاپيل مٿين گزرگاهه جي افتتاح جي قابل سمجهيو ۽ مونکي اهو موقعو فراهم ڪيو ته آئون پنهنجي مادر علمي جي در تي حاضري جي سعادت حاصل ڪريان. وڏي وزير چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مان اڄ جنهن مقام تي آهيان ان تائين پهچڻ ۾ هن ڪاليج جو تمام گهڻو هٿ آهي ۽ اهو مان ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهان. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته ڊي جي سائنس ڪاليج پنهنجي ساڳئي شاندار تدريسي روايت برقرار رکي آهي جن روايتن ۾ مون پاڻ به حصو ورتو آهي. هن پنهنجي شاگرديءَ واري دور جون يادون ٻڌائيندي چيو ته پنهنجي زندگيءَ جا ٻه سال ڊي سي سائنس ڪاليج ۾ گذاريا جيڪي تمام انمول آهن، منهنجو وس هلي ها ته هتي خاص مهمان واري نشست ڇڏي شاگردن سان گڏ آخري قطار ۾ ويهي کل ڀوڳ ۽ موج مستي مچايان. هن ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ هڪ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا لڳايو ويو، تڏهن سندس والد هن ڪاليج ۾ روزاني ڇڏڻ ايندو هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو. سندس والد جي گرفتاري کانپوءِ ننڍي ڀيڻ ۽ ڀائرن کي اسڪول ۽ ڪاليج ڇڏڻ لاءِ ساڻس ڊيوٽي لڳي، جيئن ئي سندس والد گرفتار ڪيو ويو مون کي آزادي ملي پڙهائي گهٽ ٿي وئي، جنهن ڪري مستيون جو دور شروع ٿي، دوست هئا ۽ پڙهائي پوئتي رهجي وئي، هتي (ڊي جي سائنس ڪاليج) اچي فٽ پاٿ وٽ پنهنجي گاڏي پارڪ ڪندي سندن دوستن گاڏيءَ ۾ گهمائيندو هيم. هن چيو ته سندس يارهين ڪلاس ۾ 79 سيڪڙو مارڪون جڏهن ته ٻارهين ڪالس ۾ مارڪون گهٽ آيون. هن سندس شاگرديءَ واري دور جي شرارتن بابت ٻڌائيندي چيو ته انٽر کان پوءِ بغير داخلا جي هتان بي ايس سي ڪلاسون وٺڻ شروع ڪيون. هن چيو ته مون ياد آهي ته اسانجي ڪلاس جي حاضري دوران تمام گهٽ ڪلاس ميٽ مستي ڪري رهيا هئا ته ان وقت ڪلاس ٽيچر حاضريءَ وارو رجسٽر کڻي مستي ڪندڙ شاگردن کي ڪاليج مان ڪڍڻ لاءِ پرنسپل آفيس وڃي رهيو هو