سنڌ ۾ ڪو به ڊسپلن ناهي، جنهن کي وڻي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ٿو: چيف جسٽس

ڪراچي( م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار ڪراچيءَ ۾ سرڪاري زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ سرڪاري زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا آفيسر پنهنجي ذاتي زمين به اهڙي نموني ڀڳڙن مٺ تي اڏائي سگهن ٿا، جهڙي نموني هنن اربين رپين جي سرڪاري زمين الاٽ ڪئي آهي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار غلام مصطفيٰ 1991ع ۾ ملير ۾ چار ايڪڙ سرڪاري زمين غير قانوني طور الاٽ ڪئي جنهن سبب قومي ناڻي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهتو. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جوابدار خلاف جاچ شروع ٿي چڪي آهي. جوابدار جي وڪيل دليلن لاءِ عدالت کان وڌيڪ مهلت طلب ڪئي ته چيف جسٽس چيو ته وڪيل دير وارا طريقا استعمال ڪندا ته جوابدار جي عبوري ضمانت به خارج ڪئي ويندي. چيف جسٽس جوابدار کي چيو ته ڇا ذاتي ملڪيت به اهڙي نموني ڀڳڙن مٺ تي اجاڙي ڇڏيندو؟ ٻئي طرف لاڙڪاڻي ليڊيز ڪلب جي زمين کي ڪمرشل مقصدن لاءِ تبديل ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي اچي مون کي احساس ٿيو ته سنڌ ۾ ڪو به ڊسپلين ناهي، لڳي ٿو ته هتي وڌيڪ 6 مهينا ويهي ڪيس ٻڌڻا پوندا. هن چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ کي هڪ کوکو به الاٽ ڪرڻ جو اختيار ناهي، هتي جنهن جي دل چوي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ٿو، ڪراچي اچي احساس ٿيو ته سنڌ ۾ ڪو به ڊسيپلين ناهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي جناح گارڊن جي ٽوٽل ايراضي 20 هزار اسڪوائر يارڊ آهي ۽ 3 هزار اسڪوائر يارڊ تي ليڊيز ڪلب قائم آهي. هن ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻي جا دڪان ٺاهي ڀاڙي تي ڏنا ويا آهن جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي کي اها ايراضي الاٽ ڪرڻ جو اختيار هو. ان موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پارڪس رڳو عوامي ملڪيت هوندا آهن ۽ حڪومت چاهي به ته پارڪ تي ڪجهه نه ٿي ٺاهي سگهي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته وڃو ۽ پارڪ کي اصل حالت ۾ بحال ڪرايو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *