اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪيمشن آف پاڪستان چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ 120 مان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِءَ نوازشريف جي زال بيماري سبب حلف نه کنيو پر هوءَ پوءِ به قومي اسيمبلي جي ميمبر رهندي. ميڊيا رپورٽ موجب اليڪسن ڪميشن کي خط لکيو جنهن ۾ اعتراض ڪيو ويو ته بيگم ڪلثومنواز قومي اسيمبلي جي تڪ 120 تان ڪامياب ٿي آهي جڏهن ته حلف ناهي کنيو تنهن ڪري ان جي ميمبر شپ ختم ڪئي وڃي. اليڪشن ڪيمشن تحريڪ انصاف جي خط جو جواب ڏنو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪلثوم نواز حلف نه کڻڻ جي باوجود به قومي اسيمبلي ميمبرن رهي سگھي ٿي، اليڪشن ڪيمشن جي مطابق آرٽيڪل 65 تحت ايوان ۾ ويهڻ يا موٽ ڏيڻ لاءِ حلف ضروري هوندو آهي جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر چونڊجڻ کانپوءِ حلف کڻڻ جي حوالي سان آئين ۽ قانون ۾ ڪائي ڊيڊ لائين موجود ناهي.