ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وڃن: نيب چيئرمين

اسلام آباد(بيورو) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وڃن. تفصيل موجب نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال انڪوائرين، انويسٽي گيشنز ۽ عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. چيئرمين نيب قومي احتساب بيورو جي آپريشن ڊويزن ۽ پراسيڪيوشن ڊويزن کان 499 نيب انڪوائرين، 287 انويسٽي گيشنز ۽ هڪ هزار 138 ڪيسن جي تفصيل طلب ڪئي آهي جڏهن ته ڪيس منطقي انجام تائين نه پهچائيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي تفصيل به طلب ڪئي وئي آهي. نيب چيئرمين هديات ڪئي آهي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وڃن. جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ڦريل تقريبن 900 ارب رپين جي رقم هٿ ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي ڏوهارين کي قانون موجب منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *