اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره حڪومت تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته حڪومت سازشون ڪرڻ کان باز ناهي آئي، اسان جي ڪارڪنن کي روڪڻ وارو سلسلو جاري رهيو ته اسان به ڌرڻا هڻنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪالهه واري جلسي ۾ پيپلز پارٽي کي بهترين رسپانس مليو، اسان جي قافلن کي جي ٽي روڊ ۽ روات ٽي چوڪ تي به روڪيو ويو، جلسي جي لاءِ نه سيڪيورٽي ۽ نه ئي ٽريفڪ پلان هو. هن چيو ته جيالن کي جتي روڪيو هنن اتي ئي جلسو شروع ڪري ڇڏيو. حڪومت ڇا ائين اسان کي به ڌرڻن تي مجبور ڪندي؟ هن چيو ته ملڪ ڏکي صورتحال ۾ آهي، چيئرمين جا پيش ڪيل 6 نقطا پيپلز پارٽي جي پاليسي آهي.