بهتر ڊسيپلن ڪنهن به حڪومت جي ڪاميابي جي لاءِ بنيادي شرط آهي : سنڌ جو گورنر

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گورنر چيو آهي ته بهتر ڊسيپلن ڪنهن به حڪومت جي ڪاميابي جي لاءِ بنيادي شرط آهي حڪومتي پاليسي تي عمل آفيسرن جي دلچسپي وٺڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. آفيسرن جي تربيت جي مختلف ڪورسز سان آفيسرن جي انتظامي صلاحِتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آفيسرن جي مسلسل تربيت نهايت ئي اهميت رکندڙ آهي اهڙن خيالن جواظهار هن گورنر هائوس ۾ فارئين سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ 25 هين جونيئر ڊپلوميٽڪ ڪورس جي پرڏيهي سفارتڪارن جي 27 ميمبرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات ۾ ڪيو، ملاقات ۾ صوبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گورنر چيو ته بين الاقوامي لاڳاپا وڌائڻ ۾ سفارتڪارن جو خاص ڪردار هوندو آهي . ڪامياب سفارتڪاري سان ٻن ملڪن جي گڏيل مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي، سيڙپڪاري، گڏيل منصوبا، ۽ ٻه طرفو واپار وڌائڻ ۾ به سفارتڪار ئي اهم ثابت ٿئي ٿي. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي ۽ خطي جو اهم شهر آهي امن امان قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي سيڙپڪاري جي لاءِ حالتون نهايت ئي سازگار آهن. پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل واڌ سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿي، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن جيڪي بين الاقوامي سطح تي ساراهڻ گھرجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *