ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم تي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کان جواب طلب ڪري ورتو. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڌاڙن جي واردتن ۾ غير معمولي واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ گذريل ڪجهه مهينن دوران اسٽريٽ ڪرائم سميت گهرن ۾ ڌاڙن جون وارداتون رپورٽ ٿيون جن ۾ هٿياربند جوابدارن شهرين کي به زخمي ڪيو. ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي چڪي آهي، ڦريل موبائيل فون پوليس جي سرپرستي ۾ وڪڻيا پيا وڃن جڏهن ته سي پي ايل سي ڦريل موبائيل فون بلاڪ به نٿي ڪري. عدالت درخواستگذر جي اپيل ٻڌڻ کان پوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، گهرو سيڪريٽري، سي پي ايل سي چيف ۽ سمورن ڊي آءِ جيز سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته عدالت سمورين ڌرين کي 10 جنوري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.