ڪراچي لاءِ چئني صوبن کان الڳ پاڻي گهرجي، عدالت کي ڪي فور منصوبي ۽ ٿر ۾ آر او پلانٽن بابت آگاهه ڪيو: مراد علي شاهه
December 6, 2017 at 6:09 pm![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/uploads/2017/12/Murad-Ali-Shah.jpg)
ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي لاءِ چئني صوبن کان الڳ پاڻي گهرجي، ڪي فور منصوبي جي باري ۾ سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي ٿر ۾ آر او پلانٽن بابت به آگاهه ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منصوبن تي ڪم جاري آهي پر وقت گهرجي ٿو، سي سي آءِ ۾ منهنجو رڳو هڪڙو ووٽ آهي باقي ست ووٽ ٻين جا آهن. هن چيو ته سي سي ۾ هميشه آواز اٿاريندو آهيان پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري آواز دٻايو ويندو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجون ترجيحون ٻڌايو آهن، ڪالهه واري جلسي ۾ منهنجي تڪ جا ماڻهو به آيا ها. هن چيو ته جج صاحب مون کي سنجيدگي سان ٻڌو ۽ مون کي ڳالهائڻ لاءِ به گهڻو وقت ڏنو. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اڃان تائين ساڍا 9 ارب رپيا ناهن ڏنا، اسان ڪي فور منصوبي جا مختص سمورا فنڊ جاري ڪيا آهن ۽ عدالت ۾ پٽينشر جي داخل ڪيل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ روزاني ساڍا ڇهه سئو ملين گيلن پاڻي ايندو آهي ۽ ڪي فور منصوبي تي 33 ارب رپيا جو خرچ ٿي چڪو آهي.