لاهور (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته ڪنهن به وقت احتجاج جو اعلان ڪري سگهون ٿا، ڪارڪن تيار رهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري چيو ته پنجاب حڪومت کان باقر نجفي جي رپورٽ وٺي ڇڏي آهي، ان جو مطالعو به ڪري ڇڏيو آهي، هڪ هڪ لفظ پڙهيو آهي، رپورٽ وڏي وزير، قانون واري وزير ۽ ٻين کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي. سندس چوڻ هو ته پارٽي ۾ صلاح مشورو جاري آهي، سڀاڻي اسان جي وڪيلن ۽ ڪور ڪميٽي جو گڏيل اجلاس آهي، انتظاميا کي چئي ڇڏيو آهي ته منهنجو ڪنٽينر تيار رکو، شهيدن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ اسان جو فرض آهي.27