پاڪستان پيپلزپارٽي جو 50 هون يوم تاسيس، عوامي سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو، جيئي ڀٽو جا نعرا
December 6, 2017 at 2:41 amاسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀٽو صاحب ڪالهه به جيئرو هو ۽ اڄ به جيئرو آهي، اسان شهادتن تي يقين رکندا آهيون ۽ شهيد ڪڏهن ناهن مرندا، بينظير ڀٽو توهان سڀني جي ۽ منهنجي اڳواڻ هئي، ذوالفقار ڀٽو ۽ بي بي صاحبا اڄ اسان کي ڏسي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان کي پنج سال مليا، بينظير جا ڪيل واعدا اسان نڀاياسين، اسان پاڪستان کي نئين صورت ڏني، بلوچستان کي ترقي ڏياري، سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون سين، جمهوريت جو تحفو پ پ ۽ بينظير جي قرباني جو آهي. هن چيو ته مشرف جو ڪو مستقبل ناهي، هو لڪي ٻاهر ويهي رهيو آهي، هن ڏٺو ته سندس ڪو مستقبل ناهي، تنهن ڪري ٻاهر هليو ويو، ميان صاحب ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، اسان ٻه ڀيرا انهن جي جمهوريت بچائي، اڄ اهي ڀٽو کي مڃين ٿا، بينظير کي مڃين ٿا، الحمد الله هن فقير کي به مڃين ٿا. گاڊ فادر ۽ ڪوڙي خان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي، اسان کي طاقت جي بُک ناهي، جيڪو ملڪ سان ٿي رهيو آهي، ان تي افسوس آهي. سندس چوڻ هو ته اميد ٿو ڪيان منهنجي وڃڻ کانپوءِ منهنجي ٻارن سان به توهان وفا ڪندئو، توهان ايتري ئي وفا ڪندئو، جيتري شهيد بينظير ڀٽو سان ڪندا رهيا. آصف زرداري چيو ته اسان افغانستان سان لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا، چاهيون ٿا ته افغانستان جو سرحدون مضبوط هجن، اچو گڏجي پاڪ – افغان سرحد کي مضبوط ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت وارئو جيڪڏهن پ پ جو هڪ به ٻار جيئرو آهي، ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي، اڪيلو وڙهڻو پيو ته وڙهنداسين پر ڀارت کي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين.