پاڪستان ۽ ڪشمير کي هڪ ٻي کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي: آزاد ڪشمير جو صدر

اسلام آباد( بيورو ) آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشمير کي هڪ ٻي کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته ڪشمير کانسواءِ پاڪستان نامڪمل آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي مسعود خان چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير کي هڪ ٻي کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي، ڪشمير کانسواءِ پاڪستان مڪمل نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي عالمي برادري تائين پهچ لاءِ واحد خودمختيار آواز آهي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ٿيڻ گهرجن، آمريڪا ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مددگار جو ڪردار ادا ڪري ۽ عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ اڳتي اچي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. آزاد ڪشمير جي صدر چيو ته ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي جنگ وڙهي رهيا آهن پر ڀارت ڪشميرين جي جدوجهد کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي واويلا ۽ والاريل وادي ۾ شهرين کي قتل ۽ مٿن تشدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو، ڀارتي قدمن سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي نقصان ٿيندو. آزاد ڪشمير جي صدر چيو ته ڪشميرين جي آواز کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ڀارت وٽ ڪشميرين جا مطالبا مڃڻ کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *