سي ويو واقعي جا جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن کين بخش نه ڪيو ويندو: اي ڊي خواجه
December 6, 2017 at 2:39 am![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/uploads/2017/11/A-D-Khawaja.jpg)
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته سي ويو واقعي جا جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ڪراچي ۾ مددگار 15 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اي ڊي خواجه چيو ته سي ويو واقعي جي ٻن ڪلاڪن اندر ئي ڪيمرا جي مدد سان گاڏيءَ جي سڃاڻپ ڪئي وئي، پوليس جوابدارن تائين پهتي ۽ کين گرفتار ڪيو ويو. سي ويو تي گاڏيءَ جي ريس بابت سوال تي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ڏکڻ آزاد خان کي معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪئي. اسٽارگيٽ واقعي بابت اي ڊي خواجه چيو ته واقعي تي رڳو رائو انوار خلاف جاچ نه ٿي رهي آهي، جيڪو واقعو ٿيو تنهن جو پتو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسٽارگيٽ واقعي ۾ 2 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ان جاچ جي سربراهي ڪري رهيو آهي، جاچ رپورٽ عام ڪئي ويندي، جيڪو ذميوار هوندو تنهن کي سزا ملندي پر جيڪو ذميوار نه هوندو تنهن تي اجائي ذميواري نه وڌي ويندي. سندس چوڻ هو ته حددخلين جي خاتمي لاءِ حڪومت الڳ فورس جوڙي آهي ۽ پوليس جو ڪم سندن مدد ڪرڻ آهي. اي ڊي خواجه چيو ته جتي جتي سهڪار گهريو ويندو آهي، ڀلي ڪير به گهري اسان مڪمل سهڪار فراهم ڪري رهيا آهيون. اي ڊي خواجه چيو ته جيڪڏهن قبضا مافيا کي ڪو پوليس آفيسر تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي ته ان کي نه ڇڏيو ويندو، ٻن آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو آهي، ڪنهن لاءِ به نرمي جي ڪا گنجائش ناهي.