پاڻي ۽ هوا جي آلودگي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي:چيف جسٽس

December 6, 2017 at 2:37 am

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سپريم ڪورٽ صاف پاڻي ۽ نيڪال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪيس جي سلسلي ۾ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اربع تي طلب ڪري ورتو. ڪراچيءَ کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار شهاب اوستو ايڊووڪيٽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته شهرين کي بنا فلٽر پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، ڪراچي جو 80، حيدرآباد، 85، لاڙڪاڻو 88 ۽ شڪارپور جو 78 سيڪڙو پاڻي گدلو آهي، سنڌ جي دريائن ۾ اسپتالن، صنعتن ۽ ميونسپلٽي جو گند وڌو پيو وڃي، سنڌ جي 29 ضلعن ۾ ماڻهو گندو پاڻي واپرائي رهيا آهن. درخواستگذار جي دليلن تي چيف جسٽس چيو ته زمين تي 2 نعمتون پاڻي ۽ هوا آهي جنهن کانسواءِ زندگي ناهي، رياست جو فرض آهي ته اها پنهنجي ذميواري ادا ڪري، اسان هوا ۽ پاڻي جهڙين نعمتن ۾ خلل پيدا ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ  هجي يا پنجاب فيڪٽرين جي آلودگي سبب زندگي متاثر ٿي رهي آهي، هوا جي آلودگي سبب ڪينسر جهڙا مرض جنم وٺي رهيا آهن، پاڻي ۽ هوا جي آلودگي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، ان معاملي تي اعليٰ کان اعليٰ آفيسرن کي گهرايو ويو ته گهرايو ويندو، حڪومت ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ته عدليه کي مداخلت ڪرڻي پوندي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته کيس ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي رٿائن تي ڪيترا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، ذميواري ڪنهن سيڪريٽري نه پر چيف ايگزيڪيوٽو تي لاڳو ڪئي ويندي. هن چيو ته نساسڪ کان قومي ناڻي جو مڪمل حساب ورتو ويندو، چاهيون ٿا ته اسان جي ٻارن کي صاف پاڻي ملي

اي پيپر