جمهوريت لاءِ بهتر آهي ته نواز شريف سياست کان پري ٿي وڃي: بلاول ڀٽو

لاهور(م ڊ)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ملڪ جي جمهوريت ۽ ن ليگ لاءِ بهتر ٿيندو ته نواز شريف سياست کان پري ٿي وڃي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جو بحران پوري ملڪ کي متاثر ڪري رهيو آهي.سنڌ حڪومت پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ صاف پاڻي لاءِ پوري صوبي ۾ آر او پلانٽس لڳايا پيا وڃن، سنڌ ۾ ڊيمز جي تعمير سان گڏ نهرن کي به پڪو ڪيو پيو وڃي.خوشي آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي معاملو عدالت جي سامهون رکڻ جو موقعو مليو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ سي پيڪ جو ڍنڍورو پٽيو پيو وڃي اتي ته پاڻي ناهي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻين علائقن ۾ به پاڻي جو مسئلو آهي، سنڌ ڇا وفاقي گادي وارو شهر اسلام آباد به پاڻي جي بحران جو شڪار آهي، ٻين صوبن پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي جو ڪهڙو حل ڪڍيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *