عدالتي فيصلي سان ملڪ ڪمزور ٿيو آهي، جيڪي وعدا ڪيا اهي پورا ڪنداسين:نواز شريف

اسلام آباد( بيورو ) مسلم ليگ ن عام چونڊن جي سلسلي ۾ عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هنن لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي. هن چيو ته عدالتي فيصلي سان ملڪ ڪمزور ٿيو آهي ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا هيٺ اچي ويا آهن، عدم استحڪام ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿيڻ ملڪ لاءِ ٺيڪ ناهي. سندس چوڻ هو ته نيب ڪيسن جي مانيٽرنگ لاءِ جج مقرر ڪري مٿان تلوار ٽنگي وئي آهي ڇو ته هڪ غلط مثال قائم ڪيو پيو وڃي، پاناما بدران اقامي تي فيصلو ڏنو ويو، نيب مان سزا ڏياري جج  کي سرخرو ٿيڻو آهي ته اها زيادتي آهي. نواز شريف چيو ته معاشي ترقي جي شرح گهٽ ٿي وئي آهي، الله ڪري پاڪستان هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. هن چيو ته حالتن جو جائزو ورتو وڃي ته حڪومت ذميوار ناهي، ڏوهه اهڙين حالتن جو آهي جيڪي ڪجهه مهينن دوران پيدا ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته ڏوهه اهڙي عدم استحڪام جو آهي جيڪو ملڪ ۾ پيدا ٿيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *