ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پي پي اڳواڻ شرجيل ميمڻ کي اسپتال مان سينٽرل جيل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.رپورٽ مطابق سڌ سماءَ جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪرنگهي جي هڏي ۾ تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ڊاڪٽرن مطابق شرجيل ميمڻ جي جگر ۾ به انفيڪشن آهي، کيس جيل منتقل نٿو ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن سندس فوري علاج نه ڪيو ويو ته صحت جا مسئلا وڌي سگهن ٿا.شرجيل ميمڻ ان کان اڳ لنڊن ۽ دبئي جي اسپتالن ۾ به علاج هيٺ رهي چڪو آهي. رپورٽ ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي صوبائي وزير جو مڪمل علاج ڪرائڻ گهرجي.