بدعنواني خلاف ڪوشش جهاد برابر، ڪمزورن بدران وڏين مڇين خلاف ڪارروائي ٿيندي: نيب چيئرمين

December 4, 2017 at 3:24 am

اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جهاد جي برابر آهي، نيب هاڻ ڪمزور ماڻهن بدران وڏين مڇين خلاف ڪارروائي ڪندي. نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ بدعنواني جي ڪيسن سان سلهاڙيل ماڻهن جي رقم واپسي جي حوالي خاص تقريب رٿي وئي، ان تقريب ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) جو سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال خاص مهمان طور شريڪ ٿيو.  تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪرپشن هڪ لعنت آهي جنهن جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪرڻ جهاد جي برابر آهي. بدي جون قوتون مضبوط ضرور هونديون آهن پر چورن ۽ ڪرپٽن جا پير نه ڇو ته فتح هميشه حق سچ جي ٿيندي آهي. نيب ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪمزور ماڻهن جي بدران هاڻ وڏين مڇين جي خلاف قانون جي موجب ڪارروائي جو عزم رکي ٿي. 179 ميگا ڪرپشن ڪيسن مان 96 ڪيس تي ريفرنس لاڳاپيل عدالتن ۾ داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻين ميگا ڪرپشن جي ڪيسن کي قانون جي موجب جلد منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

اي پيپر