آءِ جي اسلام آباد طرفان فيض آباد ڌرڻي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد( بيورو ) آءِ جي اسلام آباد خالد خٽڪ ڌرڻي خلاف آپريشن ۾ ناڪامي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ آپريشن ناڪام ٿيڻ جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته مظاهرين سڪيورٽي اهلڪارن جي مذهبي جذبن کي اڀاريو جنهن تي اهلڪارن طرفان مظاهرين لاءِ نرم رويو اختيار ڪيو ويو، جڏهن ته اهلڪار ڪارروائي کان لنوائي رهيا هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن شروع ٿيڻ تي 80 سيڪڙو علائقو ڪليئر ڪيو ويو هو پر احتجاجي مظاهرين، ڏنڊن، پٿرن ۽ ٻين اوزارن سان ليس هئا جڏهن ته راولپنڊي مان تازه دم مظاهرين به پهچندا رهيا، کليل جڳهه هئڻ سبب ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل به اثرانداز نه ٿي سگهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس 20 ڏينهن کان  ڌرڻي واري هنڌ مقرر هئي جنهن سبب پوليس فورس ٿڪجي پئي هئي ۽ پوليس جي مذهبي جذبن کي به ڀڙڪايو ويو. پوليس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڌرڻي  واري هنڌ مختلف صوبن جي پوليس ۽ ايف سميت رينجرز اهلڪار مقرر هئا جڏهن ته مختلف سڪيورٽي ادارن ۾ رابطي جو فقدان هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *