ڏوڪري(شهاب الدين جتوئي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ صوبائي وزير خوراڪ نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پارٽي جي 50 سالا گولڊن جوبلي ربيع الاول جي ڀلاري مهيني ۾ ملهائي رهيا آهيون.هن چيو ته اڄ اسان لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي ۽ مان هتي آيل سڀني ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ڇو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1967ع ۾ هن ڏينهن تي هن عوامي پارٽي جو بنياد رکي چادر ۽ چوديواري جو تقدس بچائڻ جو ڪارڪنن کي سبق ڏنو هو، اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي 50 سالا گولڊن جوبلي ملهائڻ واري تقريب ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين غريبن ۾ ورهائي ۽ انهن کي ملن ۽ ڪارخانن جو مالڪ بڻايو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آمرن جي سامهون ڪڏهن به گوڏا نه کوڙيا پر انهن سان منهن منهن ۾ ڏئي ڳالهايو.هن چيو ته پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺهندا رهندا آهن پر انهن کي هميشه ناڪامي ملندي آهي ۽ پ پ سوڀاري ٿيندي آهي. هن چيو ته ملڪ جي عوام اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ووٽ نه مير جو آ نه پير جو آ پر ووٽ رڳو تير جو آ.صوبائي وزير چيو ته پ پ جي 50 سالن جي تاريخ عوام سان داستان عشق جي ڪهاڻي آهي.ان موقعي تي نثار احمد کهڙو چيو ته شهيد محترما بينظير ڀٽو کي اسان وطن اچڻ کان روڪيو هيوسين، تنهن هوندي به هو وطن موٽي آئي.